حقوق الزوجين
مسلمان ڀائرو ! هن دنيا ۾ الله ڪريم هر شيءِ جا جوڙا جوڙا بنايا آهن . جانور ، وڻ ، ٽڻ ، ٻوٽا ، پکي ، پکڻ انسان مطلب ته دنيا جي ڪا به شيءِ اهڙي ناهي جنهن جا رب جوڙا نه ٺاهيا هجن . وَمِنْ كُلِّ شَيْءٍ خَلَقْنــَا زَوْجَيْنِ
۽ اسان هر شيءِ جا جوڙا خلقيا آهن . ( الذاريات : 49 )
الله ڪريم زمين مان پيدا ٿيندڙ هر شيءِ جا ته جوڙا ٺاهيا آهن پر ڪي اهڙيون شيون به آهن جن کي اسان نه ٿا ڄاڻون پر انهن جا به الله جوڙا ٺاهيا آهن . پاڪ پروردگار فرمايو ته :
سُبْحَانَ الَّذِي خَلَقَ الْأَزْوَاجَ كُلَّهَا مِمَّا تُنْبــِتُ الْأَرْضُ
وَمِنْ اَنفُسِهِمْ وَمِمَّا لَا يَعْلَمُونَ ( يس : 36 )
پاڪ آهي اها ذات جنهن هر شيءِ جا جوڙا خلقيا جن شين کي زمين ڄمائي ٿي ۽ انهن جي جانين مان ۽ انهن مان جنهن کي نه ٿا ڄاڻن . هي به الله جي قدرت آهي جو انسانذات کي به الله جوڙي جي صورت ۾ پيدا ڪيو. " مرد ۽ عورت " ٻئي هڪ ٻئي جا جوڙ آهن .
20 сен 2024